احمد شاهه بخاري بکري

احمد شاهه بخاري بکري: سيد احمد شاهه بخاري، تصوف ۽ ٻين ڪيترن ئي علمن جو ڄاڻو هو. بکر ۾ جلال الدين حسين ڪبير بن علي بخاريءَ جي گهر ۾ اندازي موجب اٺين هجريءَ ۾ ڄائو هو. ابتدائي علم پيءُ کان حاصل ڪيائين. ۽ شهرت به ڏاڍي مليس. سندس والده بيبي فاطمه بنت سيد بدرالدين بن صدرالدين بکري سنڌي هُئي. احمد شاهه بخاري تصوف ۽ ٻين علمن جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اُچ شريف ويو. اُچ ان وقت بکر جي سرڪار ۾ شامل هو. اتي سيد مرتضيٰ اُچيءَ جي نياڻيءَ حويده سان شادي ڪيائين، جنهن مان مشهور عالم سيد حسين جلال الدين جهان گشت پيدا ٿيو. حويده بيبيءَ جي وفات کان پوءِ ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان مخدوم صدرالدين پيدا ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو